عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ ڍالو ولد ٽلو اوڏ ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل، متاثر پاران سومار اوڏ تي حملي ڪري زخمي ڪرڻ جو الزام. ان سلسلي ۾ ڍالو ولد ٽلو اوڏ ٽنگ ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو جنھن کي سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪيو ويو آھي ھن الزام ھنيو ته کيس سومار اوڏ حملو ڪري گولي ھڻي زخمي ڪيو. جڏھن ته سومار اوڏ جو چوڻ آهي ته الزام ڪوڙو آھي مان ۽ منھنجي گھرواري اڳي ھنن جي حملي سبب زخمي آھيون ھنن ڪائونٽر ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اهڙو ڊرامو رچايو آهي.