ڪرمپور/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) هٿياربند 20 ڏينهن اڳ ٺل جي ڳڙھي حسن ٿاڻي جي حد مان ٽريڪٽر ڊرائيور اسلم کوسو کي اغوا ڪري ويا هئا، ان حوالي سان ڪرمپور پوليس ٽوڙي بند وٽان مبينا مقابلي ۾نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس مغوي کي ٿاڻي تي آڻڻ بعد کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او ڪرمپور حسين علي شاهاڻي ٻڌايو ته ڏوهاري پاران مغوي جو هنڌ تبديل ڪيو پئي ويو ته ڳجھي اطلاع تي اسر ويل ٽوڙي بند وٽ ڪارروائي ڪري مغوي کي ڌاڙيلن کان ڇڏائي ورتو ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا، ٻي طرف بازياب ٿيل نوجوان اسلم کوسو گھر پھتو ته ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ نوجوان کي پنهنجي آفيس ۾ گھرائي تصويرون ورتيون، ڪجهه دير بعد ايس ايس پي جيڪب آباد پريس رليز جاري ڪندي چيو آهي ته نوجوان اسلم کوسو کي جيڪب آباد جي حد انڙ واھه جي علائقي مان مقابلي بعد آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته ڏوهارين جو گھيرو تنگ ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، جڏھن ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس صبح جي وقت نوجوان جي بازيابي جي دعويٰ ڪئي ھئي، هوڏانهن علائقي ۾ مغوي نوجوان جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٿيڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.