ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ بچل پنهور ۾ دليپوٽا مائينر مان نامعلوم ٻارڙي جي ڌڙ کان ڌار سسي ڳوٺاڻن کي پاڻي مان لڙھندي هٿ آئي، ڳوٺاڻن دليپوٽا پوليس چوڪي تي اطلاع ڪيو پوليس واقعي واري هنڌ هٿ پهچي ڌڙ کان ڌار سسي تحويل ۾ ورتي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، پوليس موجب نينگر جي ڌڙ کان ڌار سسي ملي آھي ڌڙ جي ڳولا ڪري رهيا آھيون وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون..