ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڏنڊا بردار ماڻهن مبينا حملو ڪري اسپتال عملي کي سخت مارڪٽ ڪئي، جنهن ۾ ڪورونا ويڪسين سينٽر جو ڪلارڪ ابراهيم دايو رتورت ٿي ويو، اسپتال انتظاميا پاران ڪرمپور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد پوليس پهتي پر ڏنڊا بردار فرار ٿي ويا، واقعي بعد ڊاڪٽرن ۽ اسپتال عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نظير بجاراڻي، عطاءُ الله بجاراڻي، عمران نصيراڻي، محراب ٻپڙ، اويس لاشاري ۽ ٻين چيو ته نصيراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري عملي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ او پي ڊي ۽ ڪورونا ويڪسين سميت پوليو جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو ويندو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي پهچي اسپتال عملي کان تفصيل ورتا، ٿاڻي تي چئن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.