ڪراچي ۾ گھر کي باھ، ٻن عورتن سوڌو 5 ڄڻا سڙي فوت

0
214
ڪراچي ۾ گھر کي باھ لڳي وئي،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گهر کي باهه لڳي وئي، ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، محمد علي سوسائٽي ميران شاهه روڊ تي گهر ۾ باهه لڳي وئي، دونهي سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري ٻن عورتن سميت 5 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ شازيا، صبيحا، فرحت، اڪبر ۽ سلطان مرزا شامل آھن، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب باهه لڳي وئي، باهه وسائڻ دوران هڪ فائر فائيٽر صادق حسين به زخمي ٿيو، گهر ۾ 7 ڀاتي هئا جن مان 5 ڄڻن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پنجن ئي ڄڻن جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي .