سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2145 نوان ڪيس ظاهر، 41 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
291
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2145 نوان ڪيس ظاهر
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2145 نوان ڪيس ظاهر، 41 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2145 نوان ڪيس ظاهر، 41 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 1971 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 48197 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 46694 مريض گھرن ۾، 40 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 1463 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 1301 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 106 مريض وينٽيليٽر تي پيل آهن. هن چيو ته رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 1447 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

حيدرآباد ۾ 160، مٽياري ۾ 49، بدين ۾ 39، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ 36_36، سجاول ۾ 35، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 29_29، ٺٽي ضلعي ۾ 27، نوشهروفيروز ۾ 26، دادو ۽ خيرپور ضلعن ۾ 25_25، سکر ۾ 23، شڪارپور ۾ 20، ٽنڊوالهيار ۾ 19، لاڙڪاڻي ۾ 17، گهوٽڪي ۾ 15، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ 12_12، ڪشمور ضلعي ۾ 2 ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعي ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 205055 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، 9 آگسٽ تائين 8394142 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، ويڪسين لڳرائيندڙن جي مجموعي شرح 25.19 آهي.