ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مشهور گلوڪار کان ڦر واردات، 6 لک روڪ ۽ قيمتي سامان ڦر، گلستان جوهر ۾ مشهور گلوڪار ۽ ڪاروباري شخصيت سونو بٽ کان ڦرلٽ ڪئي وئي. سونو بٽ موجب آئون بينڪ مان 6 لک ڪڍرائي گاڏي  ۾ ويٺس ته 3 هٿياربندن ڦرلٽ ڪئي. سونو بٽ موجب مون کان 6 لک روڪ، چئن ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو ويو، گلستان جوهر ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرايم