ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪسٽم جي ڪارروائي ڪري ڪروڙن جي منشيات برمنگھم اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪسٽم ٽيم آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪوريئر آفيس تي ڇاپو هڻي هڪ ڪلو 980 گرام هيروئن هٿ ڪئي آهي. ڪسٽم موجب هيروئن ٻارڙن جي ڪپڙن ۾ لڪائي پارسل برمنگھم لاءِ بڪ ڪرايو ويو هو، پارسل بڪ ڪرائيندڙ جوابدار پشاور جو رهائشي آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن