شهباز شريف ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي: فردوس عاشق اعواڻ

0
257

لاھور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معان ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته ايف آءِ اي جو آفيس عيد ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري بند آهي، ن ليگ وارا بند آفيس ۾ پرچيون اڇلائيندا رهيا. هن چيو آهي ته ايف آءِ اي قانون جي پاسداري ڪئي پر ن ليگ جو ٻٽو معيار سڀني جي سامهون اچي ويو، ن ليگ شهباز شريف جي بي گناهي بابت پروپيگنڊا رهي آهي.