ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان 10ڦورو ۽ ڪارلفٽر سوگها، ان ڏس ۾ منگهوپير مددگار 15 پوليس مقابلي دوران 3 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، پوليس موجب مددگار 15 جا اهلڪار ڊيوٽي پوائنٽ تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ 3 ڦورو هڪ شهري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ لڳا ته مقابلو ٿيو، جنهن دوران 3 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبض مان هٿيار هٿ ڪيا، هوڏانهن اي وي ايل سي گڏاپ ڪارروائي ڪري 5 ڪارلفٽرن کي گرفتار ڪري چوري ڪيل ڪار ۽ 3 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون، جوابدارن ۾ راجا سليم، حمزه سليم، شاڪر، غلام علي ۽ ناصر شامل آهن، ٻئي پاسي ويسٽ پوليس جوابدار حزب الله کي گرفتار ڪري هڪ ڪلو 600 گرام چرس ۽ عيدگاهه پوليس نور احمد کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل هٿ ڪئي