ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ شھر جي منصور ڪالوني جي رھواسي ميونسپل ڪاميٽي جي سئيپر 5 ٻارڙن جي پيءُ سرائي جاويد شيخ پاران وياجين کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي وارثن پاران بيھوشي واري حالت ۾ علاج لاءِ تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتي کيس فوري طور تي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، جاويد شيخ الزام هنيو ته ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي سينيٽري انسپيڪٽر منظور جانوري مون کي 3 سال اڳ ھڪ چائنا موٽر سائيڪل وياج تي 80 ھزار رپين ۾ ڏني ھئي جنھن جي بدلي ۾ هن منھنجا چيڪ بوڪ پاڻ وٽ گروي رکيا ھئا، ھن وقت تائين 2 لک رپين کان وڌيڪ پئسا ڏئي چڪو آھيان، تنھن باوجود ھو مون کي پگھار بند ڪرائڻ ۽ نوڪري مان برطرف ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪري رھيو آھي، چيڪ بوڪ منظور جانوري وٽ ھجڻ ڪري پگھارون وٺن کان به محروم آھيان تنھن ڪري پنھنجن معصوم ٻارڙن کي اڃا تائين عيد جا ڪپڙا ۽ ٻي خريداري به ناھيان ڪري سگھيو، ھن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ڪميٽي ميھڙ جي منظور جانوري جي زيادتين ء ظلمن کان تنگ ٿي زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي، منظور جانوري خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. جاويد شيخ جي گھر واري نادران شيخ چيو ته اسان کي گذريل ڪيترن ئي مھينن کان گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ به نه آھي ء ھڪ طرف غربت، لاچاري ء بيحسي سبب فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون.