ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )  ڪراچي ۾ بي رحم شخص موٽر سائيڪل مان پيٽرول ڪڍڻ تان فائرنگ ڪري ٻار کي ماري وڌو.ان ڏس ۾  ڪراچي جي علائقي لائنز ايريا ۾ موٽر سائيڪل مان پيٽرول ڪڍڻ جي الزام هيٺ  ٻار کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. پوليس موجب  لائينز ايريا ۾  سونو نالي شهري موٽر سائيڪل مان ٻالڪ پيٽرول ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي،  سونو مڇرجي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 سالن جي ٻار دم ڏنو، فائرنگ ۾  هڪ ٻار زخمي به ٿيو، فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو.