نئون ديرو (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي گيمڙو ٿاڻي جي حد پنجو ميل پڪٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيل نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي واسي پوليس اهلڪار ڪشور ڪمار اوڏ جي گهر پهچي والد سوڍو اوڏ، ڀاءُ اشوڪ ڪمار ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي، پرڏيهي وزير شهيد اهلڪار جي بهادري کي پڻ ساراهيو ۽ خراج تحسين پيش ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري جي آمد کان اڳ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت يا ويا هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال، جميل سومرو، خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.