ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ غيرآئيني ڪوٽا سسٽم تحت نوڪرين جو ڪاروبار هلي رهيو آهي هتي ڪو به قانون نظر نٿو اچي۔ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ترقياتي ڪم روڪي شهرن کي کنڊرن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن وقت ڪراچي موئن جي دڙي جهڙو ڏيک ڏئي رهي آهي، ڪراچي ۾ ڪرپٽ پوليس آفيسرن ذريعي واپارين جو روزگار کسيو پيو وڃي، لاڪ ڊائون جي بهاني کين تنگ ڪيو پيو وڃي، روزگار کسڻ سبب هن وقت ماڻهو چوريون ڪرڻ تي مجبور آهن، شام جو 5 وڳي کانپوءِ پوليس موبائلون دڪانن ٻاهران خطرناڪ سائرن وڄائڻ شروع ڪن ٿيون، اڄ ڪراچي جا نوجوان ۽ واپاري پنهنجي دانهن کڻي پريس ڪلب پهتا آهن۔ اسان سڀ انهن سان گڏ آهيون، رمضان ۾ ڪاروبار ڪندڙ واپارين سان وڏا ڊراما ڪيا ويا، انهي ڪري هاڻي دڪان بند ڪري عوام جي روڊن تي ڌرڻو هڻڻ جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ به ملازم جو ڊوميسائل ڪراچي جو ناهي، ايس ايچ او کان وٺي ايس ايس پي تائين ڪنهن جو به ڊوميسائل ڪراچي جو ناهي، ڪراچي جي ستن ضلعن ۾ سڀ ايس ايس پي ۽ ڊي سي سنڌي لڳايا ويا آهن، ڪراچي ۾ 25 ڪروڙ ڪمائيندڙن جو مون وٽ ثبوت آهي، آئون وڏي وزير سميت سڀني وڏيرن کي تنبيهه ٿو ڪريان ته ڪراچي سان ظلم بند ڪريو، اهو ٻٽو معيارصرف ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ آهي۔ هن چيو ته اسين ڪراچي جي واپارين سان گڏ آهيون، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون جي نالي تي واپارين سان زيادتيون ختم نه ڪيون ويون ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.