ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته فاروق ستار پنهنجي پارٽي جي ڪاوڙ اسان مان ته نه ڪڍي، اهو سٺو نٿو لڳي، جن واپارين کان سدائين ڀتا ورتا ويا، اڄ فاروق ستار انهن واپارين سان همدردي پيو ڪري، اوهان واپارين جي ڳالهه ٿا ڪريو ته واپاري خوفزده ٿي ٿا وڃن، هن چيو ته اوهان کي هاڻي ڊوميسائيل ڇو ياد آيا آهن؟ اهي آفيسر سڀئي ميرٽ تي ڀرتي ٿيل آهن، فاروق ستار اردو ڳالهائيندڙن جي ڳالهه ڪري ها پر هن نفرت جي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي اسان جا ڀائر آهن، هن چيو ته اوهان ماضي ۾ خون جي جيڪا هولي کيڏي، اها ڪنهن کان وسري ناهي، فاروق ستار کي فڪر نه ڪرڻ گهرجي، اسين سڀ سنڀالي وٺنداسين، هن چيو ته اسان ڪورونا جي صورتحال ۾ اڳ ۾ به عوام جو خيال رکيو، هاڻي به رکنداسين، فاروق ستار خاموش ويهي پنهنجي ماضي جي گناهن جو ازالو ڪري، مون سمجهيو پي ته فاروق ڀائي هاڻي پکين کي پاڻي ۽ داڻا ڏئي گناهن جو ازالو ڪندو هوندو پر هو اڄ به نفرت جي باهه ٻارڻ ٿو چاهي، جيڪا هاڻي نه ٻرندي. هن چيو ته اسان ڪراچي کي موهن جو دڙو ناهي ٺاهيو پر اوهان مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو هو، جتي اسان امن قائم ڪيو آهي، اوهان جي دور ۾ مڪاني ادارن جو ٿيل حشر سڀني جي سامهون آهي، اسين ڪوشش ڪريون پيا ته اوهان جي پيدا ڪيل خرابين کي هاڻي ٺيڪ ڪريون.