ڪراچي/ غوثپور (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ گھر ۾ ڌاڙو هڻندڙن سان پوليس جو مبينه مقابلو، سلور ڪرولا (شڪارپوري) گينگ جي غوثپور واسي انعام يافته ڏوهاري سميت 3 جوابدار مارجي ويا، هڪ فرار، پوليس موجب گلبرگ جي بلاڪ 12 ۾ بمبئي بيڪري وٽ هڪ گھر  ۾ 3 هٿياربند داخل ٿيا، جڏهن ته هڪ جوابدار سلور ڪرولا ڪار ۾ موجود هو. پوليس موجب گهر مان 15 مددگار کي ڦرلٽ جو اطلاع مليو ته پوليس فوري طور تي پهتي، انهي دوران ڪار ۾ موجود جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن بعد  گھر ۾ موجود 3 هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، هٿياربندن حامد رضا ۽ سندس ڀاڄائي کي ڍال بڻائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جوابدارن کي گھيري ۾آڻي ورتو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽئي جوابدار مارجي ويا، جن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس موجب جوابدارن جو تعلق سلور ڪرولا گينگ سان هو، هن گينگ کي شڪارپوري گينگ به چوندا آهن. پوليس موجب هڪ جوابدار جي سڃاڻپ ياسين  ڀيو جي نالي سان ٿي، جنهن جو تعلق ڪشمور ضلعي جي ڳوٺ قابل ڀيو سان هو  سندس گرفتاري تي هڪ ڪروڙ انعام رکيل هو. پوليس موجب شڪ آهي ته ٻيو جوابدار امداد سپريو آهي، جنهن جي نادرا مان تصديق ٿيڻي آهي، باقي ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي آهي. پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيجن ۾ به جوابدارن کي عورت ۽ مرد کي يرغمال بڻائيندي ڏسي سگھجي ٿو. پوليس موجب جوابدار گلشن اقبال ۽ لياقت آباد سميت ٻين علائقن ۾ وارداتون ڪندا هئا