ٽنڊو ڄام ( ن پ ا)  ڪوٽڙي واسي عورت شبانه شيخ راشن لا واجھائيندي ڪوٽڙي، حيدرآباد کان ٿيندي ،ٽنڊو ڄام ڀيڻ وٺان راشن کڻڻ لاءِ پهتي، کيس ڪنهن به راشن نه ڏنو، ٻڌڙي عورت شبانه شيخ راشن نه ملڻ سبب صدمي  بيهوش ٿي زرعي يونيورسٽي وٽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڪري پئي ، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ٽيم پهچي کيس کنيو، هوش اچڻ تي هن چيو ته کيس پيسه نٿا کپن هو فقيرياڻي ناهي، ساڻس وٽ پيسا آهن، هن چيو ته راشن لا ڀيڻ جي گهر آئي آهيان پر ڀيڻ به راشن ڏيڻ بدران کيس ڌڪاء ڏئي گهرمان ڪڍي ڇڏيو، جنهن به هو صدمي ۾ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڪري پئي، بعد ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم جي نشاندهي تي ڪمشنر حيدرآباد جي ڀاءُ نعيم الرحمان ميمڻ کيس راشن وٺي ڏنو ۽ گهر پهچائڻ لاءِ به بندوست ڪيو.