ڪراچي: ڪنڊيڪٽر پاران عورت تي تشدد واري مامري ۾ نئون موڙ اچي ويو

0
229

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ عورت جي مبينا وڊيو واقعي کي شڪي بڻائي ڇڏيو ۽ ان سان گڏ پوليس جي ڪردار تي به سوال اٿاري ڇڏيا

بس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ شخص ۽ عورت ٽريفڪ پوليس چوڪي پهچي ويا، جتي عورت چيو ته تشدد ڪرڻ وارو شخص هن جو مائٽ آهي، نقاب ۽ موبائل فون نه ڏيڻ جي مامري تي تشدد ڪيو ويو، هي گهر جو مامرو آهي ان ڪري ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي

جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس بنا ڪنهن ڪارروائي جي مامرو ختم ڪري تشدد ڪندڙ شخص کي ڇڏيو ويو

جاچ آفيسر موجب عورت تي دٻاءُ وجهڻ سان سرڪر جي مدعيت ۾ قلم 354 ۽ 337A-1 تحت ڪيس داخل ٿي سگهي پيو ۽ سيڪشن 354 تحت ڪنڊڪٽر کي 3 سال قيد ۽ ڏنڊ به ممڪن هو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ بس ڪنڊڪٽر جو عورت تي تشدد