ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اسڪول مان چوري خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻندڙ ڳوٺاڻن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قمبراڻي برادري جي چيف مقدم ۽ وڪيل سميت 15 ڄڻن مهرالله پٽ مکڻ، محمد رفيق ۽ فداحسين پٽ مهرالله قمبراڻي، لياقت، صوبو پٽ محمد قاسم، عنايت الله پٽ صوبو، قدرت الله پٽ مهرالله، احسان پٽ علي گوهر، نظر محمد پٽ سانوڻ، نادر پٽ عبدالڪريم، مشتاق پٽ محمد قاسم قمبراڻي، محمد بخش پٽ اسدالله سميت 2 اڻسڄاتل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مهرالله قمبراڻي جو چوڻ هو ته پوليس چورن بدران جائز حق لاءِ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيو آهي، پوليس ناجائزي خلاف عدالت جو در کڙڪائينداسين. هوڏانهن وڪيل مهرالله قمبراڻي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪلا برادري احتجاج مظاهرو ڪيو .عبدالغني بجاراڻي، محسن خان پٺاڻ، آفتاب احمد چنه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس وڪيل مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن جي اسين مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته فل فور ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.