ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهه فيصل ڪالوني ۾ ٿيل پوليس مقابلي بابت ايڊيشنل آءِ جي پاران پيش ڪيل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ٻيهر انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي مقابلي جي ٻيهر انڪوائري ڪرائي رپورٽ پيش ڪري. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالتي حڪمن تي جاچ آفيسر ۽ اهلڪارن خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ايڊيشنل آءِ جي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته پوليس اهلڪارن خلاف ايس ايس پي (انويسٽيگيشن) سائوٿ زون کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو، ڪيس جي جاچ آفيسر چوڌري طارق، هيڊڪانسٽيبل وقار احمد ۽ ڪانسٽيبل سفيان خلاف ڪي به ثابتيون ناهن مليون، پوليس اهلڪارن تي ڄاڻي واڻي ثابتيون ختم ڪرڻ جو الزام ثابت نٿو ٿئي. عدالت ايڊيشنل آءِ جي جي رپورٽ کي غيرتسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته عدالت 24 نومبر 2019ع تي شاهه فيصل ڪالوني ۾ ٿيل پوليس مقابلي کي شڪي قرار ڏنو هو، عدالت 31 اگسٽ 2021ع تي ثابتيون نه هجڻ سبب 2 جوابدارن عرفان عرف ياري ۽ سيف علي خان کي بري ڪري ڇڏيو هو.