ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) زال جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي مڙس جي گھران بازياب ٿيل ٻه ٻارڙا امڙ حوالي، ان ڏس ۾ ڪوٽ غلام محمد جي رھواسڻ راڌا ڪولھي ڪجھه ڏينھن اڳ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته سندس 9 سال اڳ پارخان سان شادي ٿي، جنھن مان ٽي ٻار آھن، جنھن بعد مڙس شراب پي تشدد ڪندو ھو، جنھنڪري مائٽن وٽ ھلي آئي ۽ مڙس ٻه ٻار ھڪ سال جو مدن ۽ 3 ورھين جو ڪارو ڪولھي زبردستي کڻي ويو آهي، کين بازياب ڪرائي منھنجي حوالي ڪيا وڃن، درخواست بعد عدالتي حڪم تي ڪوٽ غلام محمد پوليس ٻنهي ٻارڙن کي بازياب ڪرائي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي معزز عدالت ٻئي ٻارڙا امڙ راڌا جي حوالي ڪري ڇڏيا.