سنڌ پوليس ۾ 8 هزار افغاني ڀرتي: اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه جا ڇرڪائيندڙ الزام

0
800

اڏيرو لال: سنڌ پوليس ۾ گذريل ٽن سالن دوران 8 هزار افغانين ۽  ٻين صوبن جي سوين اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. اهڙي ڇرڪائيندڙ دعويٰ اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه اڏيرو لال ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي آهي

نوشهروفيروز ۽ مختلف هنڌن تي ايس ايس پي رهندڙ اڳوڻي پوليس آفيسر چيو ته جنهن وقت آئون پوليس ٽريننگ سينٽر جو پرنسپال هيس، ان وقت سنڌ پوليس ۾ افغانين ۽ ٻين صوبن جي اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڌڙا ڌڙ ڀرتي ڪيو پئي ويو. هن چيو ته ان وقت ريڪروٽنگ ڪميٽي جو چيئرمين اڳوڻو ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ هو، جنهن کي مون خط لکي غيرقانوني ڀرتين بابت آگاهي ڏني، پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو

اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه چيو ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيل افغاني ۽ ٻين صوبن جا اڻ پڙهيل ماڻهو هن وقت به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڊيوٽيز ڪري رهيا آهن. اڳوڻي ايس ايس پي چيو ته سنڌ پوليس ۾ هڪ اهڙو اهلڪار به ڀرتي ڪيو ويو، جنهن کي پنهنجو نالو جاويد لکڻ به نه پئي آيو