ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 شهرين جي گمشدگي واري معاملي تي آءِ جي، ڊي جي رينجرز ۽ ايڊووڪيٽجنرل  کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل 2 شهرين شاهد ارمان ۽ اڪبر خان جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شهري اڪبر خان کي رات جو 3 وڳي رينجرز جي وردي ۾ ماڻهن ڪياماڙي ۾ سندس گهر مان حراست ۾ ورتو، جڏهن ته گم ٿيل شهري شاهد ارمان جي والده پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شاهد ارمان کي شو مارڪيٽ مان حراست ۾ ورتو ويو هو،