ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ طرفان سخاوت راجپوت ۽ فهميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ جي آفيس آڏو احتجاج، سخت نعريبازي، آءِ جي پاران مهيني جي مهلت طلب، ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن قمبر ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ سخاوت راجپوت، شھيد ناظم جوکيو ۽ شھيد فھميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي آفيس ٻاھران مظاھرو ڪيو ، جنهن کي مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ، پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر خرم شير زمان خطاب ڪندي چيو ته  اسان جي بھادر اڳواڻ سخاوت راجپوت جا قاتل اڃاتائين گرفتار ٿي ناهن سگھيا، اسين پنھنجي اڳواڻ جي قتل جو سنڌ حڪومت کان  جواب وٺنداسين، انهي دوران  پي ٽي آءِ جي وفد خرم شير زمان جي اڳواڻي ۾ آءِ جي آفيس ۾ داخل ٿي ساڻس ڳالهيون ڪيون. ڳواڻن چيو ته فھميده سيال ۽ سخاوت راجپوت جا قاتل ايس ايس پي جا مھمان بڻيل آھن، ايس ايس پي قمبر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ پاران وفد کان سمورن ڪيسن ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ھڪ مھيني جو ٽائيم گھريو ويو، بعد ۾ آءِ جي سنڌ جي آفيس ٻاھران ڳالھائيندي پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر خرم شير زمان چيو ته آءِ جي ھڪ مھيني جو ٽائيم گھريو آھي، جيڪڏھن قاتل گرفتار نه ٿيا ته آءِ جي آفيس جو گھيراءُ ڪنداسين،  سنڌ پوليس جي معاملن تي سپريم ڪورٽ وينداسين.