ڪراچي: ليبر ڪالوني ۾ پرڏيھين کي ترسائڻ جون تياريون مڪمل

0
405

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نادرن باءِ پاس تي ليبر کاتي جي ليبر ڪالوني ۾ افغان مان نڪتل پرڏيھين کي ترسائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اعليٰ اختيارين طرفان ليبر ڪالوني جي 4 هزار 8 فليٽن جو جائزو ورتو ويو، ليبر کاتي پاران جائزو وٺڻ آءِ آيل ٽيم کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪيترائي فليٽ پورهيتن کي الاٽ ٿيل آهن، بجلي ۽ پاڻي جي سهولت موجود ناهي، گذريل ڏينهن ڪور فائيو ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان اهم اجلاس بعد ڪمشنر ڪراچي پاران ملير جي ڊي سي سميت آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز توڙي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين اختيارين کي خط لکي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، مختلف ادارن پاران 2هزار کان وڌيڪ پرڏيھين کي ڪراچي ۾ ترسائڻ لاءِ ليبر ڪالوني جو جائزو ورتو ويو.