جعلي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪينڊل: ڪراچي ميگا نادرا سينٽر تي ڇاپو، وڌيڪ هڪ آفيسر گرفتار

0
302

ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سيل ڪراچي جي نادرا ميگا سينيٽر تي ڇاپو هڻي ڊپٽي سپرٽينٽڊنٽ گلفام بروهي کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان ايف آءِ اي موجب، ڊپٽي سپرٽينٽڊنٽ گلفام بروهي ۽ پرڏيهي عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي سپرٽينٽڊنٽ گلفام بروهي جي مدد سان پرڏيهي شهري فاطمه خاتون جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو، ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي عورت جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جعلي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪينڊل ۾ هن وقت تائين 6ڪيس ڪيس داخل ٿي چڪا آهن ۽ گرفتار جوابدارن جو انگ 17 آهي جن ۾ نادرا جا اعليٰ آفيسر ۽  پرڏيهي شهرين سوڌو ايجنٽ شامل آهن.