ڪراچي: قيوم آباد پل وٽ پوليس اهلڪارن هٿان معذور پينو فقير رتو رت، پنج هزار به ڦري ورتا

0
389
ڪراچي: قيوم آباد پل وٽ پوليس اهلڪارن هٿان معذور پينو فقير رتو رت، پنج هزار به ڦري ورتا
ڪراچي: قيوم آباد پل وٽ پوليس اهلڪارن هٿان معذور پينو فقير رتو رت، پنج هزار به ڦري ورتا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قيوم آباد واري علائقي ۾ پل وٽ پوليس اهلڪارن هٿان پينو فقيررتورت ٿي ويو

قيوم آباد پل وٽ مڇريل  پوليس اهلڪارن پينو فقير کي رتو رت ڪري ڇڏيو، معذور پينو فقير سلطان  ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، انصاف جو مطالبو ڪيو ويو

معذور پينو فقير نوجوان جو چوڻ هو ته ڊفينس ٿاڻي جي اهلڪارن مون کي تشدد جو نشانو بڻايو، اهلڪارن مون کان 5 هزار به ڦر ڪري ويا آهن

پينو فقير نوجوان دانهون ڪندي چيو ته 4 اهلڪارن ايس ايڇ او جي  موجودگي ۾ مون کي تشدد  جو نشانو بڻايو، اهلڪارن ڀتو گهريو، ڀتو نه  ڏيڻ تان مون کي سخت تشدد جو  نشانو بڻايو ويو:

هن چيو ته  مون کان اهلڪارن گھوڙيون به ڦر ڪيون آهن، هلڻ کان لاچار آهيان، ڊينس جي علائقن ۾ سنگلز ۽ ٻين هنڌن تي پني گذارو ڪندو آهيان، معذور آهيان، ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪراچي: منگھو پير ۾ نوجوان جي قتل ۾ اي وي ايل سي پوليس اهلڪار ملوث نڪتا