ڪراچي: منگھو پير ۾ نوجوان جي قتل ۾ اي وي ايل سي پوليس اهلڪار ملوث نڪتا

0
309
ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ
ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) منگھي پير ۾ نوجوان جي قتل ۾ اي وي ايل سي پوليس اهلڪار ملوث نڪتا، ڪراچيءَ جي منگھي پير ۾ نوجوان جي قتل ۾ اي وي ايل سي جا اهلڪار ملوث نڪتا آهن

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل ۾ اي وي ايل سي جا اهلڪار ملوث نڪتا آهن، شاهديون ملي ويون آهن اي وي ايل سي ٽيم مبينه رشوت خوريءَ جي لاءِ منگھي پير جي حدن ۾ اسنيپ چيڪنگ ڪري رهي هئي

ذريعن موجب چوريءَ جي موٽر سائيڪلن  جي اسمگلنگ به ان ئي رستي سان ٿيندي آهي، ڪراچي پوليس اهڙن چورن  کي پڪڙي رشوت وٺي کين  ڇڏي ڏيندي آهي

اهلڪارن اوندهه ۾ بيهڻ جو اشارو ڪيو ته موٽر سائيڪل  سوار هاشم ۽ شهزاد نه بيٺا، فائرنگ ڪري اهلڪارن  موبائيل ۾ گھِڙي ڪپڙا بدلايا  ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا

پوليس عملدارن موجب نوجوان جي قتل واقعي  ۾ ملوث اهلڪارن جي ڳولا جاري  آهي، ايس ايس پي اي وي ايل سي واقعي ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو هو

مقتول نوجوان جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ اڻڄاتل پوليس موبائيل ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ جاري آهي، مقتول نوجوان جي وارثن پاران انصاف جي گهر ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ۽ رينجرز جي لٺبازي، گرفتاريون