ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي واٽر بورڊ جي اختيارين احسن آباد ۾ غيرقانوني واٽر هائڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪندي ٻن ملازمن کي گرفتار ڪرائي مشينون ضبط ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته غيرقانوني هائيڊرنٽس پاران واٽر بورڊ جي لائين مان پاڻي چوري ڪري صنعتي علائقن کي پاڻي فراهم ڪيو پي ويو، جتان ڪروڙين رپيا اوڳاڙيا ويندا هئا.