چونڊڪو ( ن پ ا ) سوراھ ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان ڦارهياڙو ۾ ضمير شيخ پنهنجي گهر واري ڪونج شيخ مٿان ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، شهناز شيخ سوراھ ٿاڻي تي زخمي ڪونج کي آندو، جتي پوليس زخمي ناري کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي اسپتال موڪليو جتي زخمي ناري ڪونج شيخ ٻڌايو ته منهنجي مڙس ضمير شيخ منهنجي مٿان ڪارنهن جو الزام ڏيئي ڪهاڙين سان حملو ڪيو آهي مان گهر مان ڀڃي جان بچائي آهي ۽ مونکي خوف آهي ته منهنجو مڙس مونکي قتل ڪري ڇڏيندو هن پوليس جي اعلي اختيارين کي ڪئي ته نوٽيس وٺي سندس مڙس خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.ان سلسلي سوراھ موجب جوابدار خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جلد کان جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.