گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ پنجون لٻاڻو ۾ لٻاڻا برادري جي ڌرين ۾ رستي جي لنگهه تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب رياض احمد لٻاڻو، نادر علي لٻاڻو، نظير احمد لٻاڻو سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو، زخمي رياض احمد لٻاڻو موجب ته موٽرسائيڪل تي ڳوٺ مان گذري رهيو هيس ته شاھ جھان لٻاڻو، اعجاز احمد، وسيم احمد لٻاڻو حملو ڪري زخمي ڪيو. گهوٽڪي پوليس موجب ته جوابدارن مٿان اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار گهرن مان فرار ٿي ويا آهن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.