ڪراچي: دعا ڀٽو فيملي ڪورٽ مان خلع جي درخواست واپس وٺي ڇڏي

0
376

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو فيملي ڪورٽ مان خلع جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آھي

عدالت ايم پي اي دعا ڀٽو جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آھي، دعا ڀٽو ملير مان پنهنجي رهائش منتقل ڪرڻ بابت درخواست ڏني

دعا ڀٽو جو درخواست ۾ چوڻ ھو تھ مون پنهنجي رهائش اولڊ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏي آهي، رهائش جي منتقلي سبب ملير ڪورٽ مان ڪيس واپس وٺي رهي آهيان

دعا ڀٽو پاران استدعا ڪئي وئي تھ درخواست واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي، عدالت دعا ڀٽو جي درخواست تي، درخواست خارج ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

حليم کان خلع کپي، عدالت 7 لک خرچ ۽ گهر جي مسواڙ ڏياري: دعا ڀٽو