ڪراچي ۾ قتل ٿيل مختيارڪار واري واقعي جا 3 جوابدار گرفتار

0
329

مٺياڻي (رپورٽر) ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن دوران قتل ٿيل مختيارڪار واري واقعي جا 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن

ان سلسلي ۾ ايم پي اي ممتاز چانڊيو جو چوڻ آھي ته اعجاز چانڊيو جي قتل ۾ ملوث  3 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو

آهي، مقتول اعجاز چانڊيو جي ڊرائيور گرفتار ٿيلن مان مک جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي آهي

ايم پي اي ممتاز چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو تھ ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويندو، واقعي تي تمام گھڻو پھتو آھي

 مقتول جي ڀاءَ اختر چانڊيو موجب ڀاءُ کي لينڊ مافيا قتل ڪيو، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، ڀاءُ اعجاز چانڊيو ۽ ان جي ٽيم کي سيڪيورٽي نھ ڏني وئي،  سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن،

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ مختيارڪار جي قتل واري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آھن

ڪراچي ۾ مختيارڪار اعجاز چانڊيو  جي قتل واري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

مختلف قومپرست تنظيمن، شهرين،  روينيو ملازمن پاران ريليون ۽ مظاهرا،  روينيو آفيسن کي تالا لڳايا ويا

لاڙڪاڻو، حيدرآباد، دادو، پڊعيدن، ميهڙ،  خيرپور، ڏوڪري، ٺٽو، قمبر، شهدادپور،  گڊو، ٺل، تلهار، تنگواڻي ۾ مظاهرا جاري آھن

ڪوٽڙي، کپرو، سانگهڙ، مورو سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، ڪنري  ۾  وڪيلن پاران اعجاز چانڊيو جي قتل  خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

سرجاڻي ٽائون ۾ آپريشن دوران مختيار ڪار قتل

ڪراچي ۾ قتل ڪيل مختيارڪار اعجاز چانڊيو جو مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي