ڪراچي جي ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ بلدياتي چونڊن دوران سياسي پارٽيز جا هڪٻئي مٿان الزام

0
310

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ بلدياتي چونڊن دوران سياسي پارٽيز جا هڪٻئي مٿان الزام، متحده پاڪستان طرفان ڌانڌلي جي ڪوشش ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ جا الزام، وسيم اختر طرفان ٽائيم نيوز سان ڳالهين دوران اليڪشن ڪميشن کان نمائندو اُماڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ڪلفٽن بورڊز جي پولنگ اسٽيشنز تي ووٽرز لاءِ جوڳا انتظام نه ڪيا ويا، اليڪشن عملو تربيت يافتا نه آهي، پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله چيو آهي ته مخالف پارٽيز بنا جواز دانهون ڪري رهيون آهن، سندن جماعت ڌانڌلي جي ڪوشش نه پئي ڪري، پ پ اڳواڻ پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪرائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن وڃن ٿا.