پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪرڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا

0
259
ڀارت خطي جو امن تباهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪرڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا، ڀارت مٿان داعش جون 5 ڪئمپس هلائڻ جا الزام ھنيا ويا، پاڪستان طرفان ڀارت خلاف 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي ميڊيا کي پيش، پاڪستان دستاويزي ثبوتن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته قابض فوج هٿان مارجي ويل 8 هزار 650 ڪشميرين جون اجتماعي قبرون موجود آهن، پيلٽ گنز جي استعمال سبب 15 هزار عورتون ۽ معصوم ٻارڙا زخمي ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جا 6 اهڙا ڪارا قانون آهن، جيڪي ڪنهن به شخص کي دهشتگرد قرار ڏئي سگهن ٿا، پاڪستان ڊوزيئر ذريعي ڀارت کي وائکو ڪيو آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي.

وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اولهه ملڪن جو ٻٽو معيار وائکو ٿيڻ گهرجي، پاڪستان کي مسلمان ملڪ هُجڻ سبب دٻايو ويندو آهي، اولهه ملڪ ڀارت سان واپار سبب اُن کي ڪجهه نه چوندا آهن، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف چيو ته پاڪستان ڀارت جي حقيقت بيان ڪرڻ جو ڪم جاري رکندو، پهريان دنيا جواب نه ڏيندي هئي پر هاڻ ڏئي رهي آهي، يورپي يونين انفارميشن ليب 15 سالن کان ڪم ڪري رهي هئي، اُن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي ها.