ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وڪيلن به سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقررين تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقررين ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جسٽس محمد علي مظهر قابل جج آهي پر هو سينارٽي ۾ 5 نمبر تي آهي، بار ايسوسيئيشنز پاران وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته سنڌ مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ گهرجي ها، هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري بابت اصول موجود آهن، جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار کي شفاف بڻائي.