مظفرآباد: (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم نالائق، نااهل ۽ ناجائز آهي، هي اهو وزيراعظم آهي، جيڪو اسلام آباد ۾ ويهي مودي جي ڪاميابيءَ جي دعا ڪندو آهي. حويلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سڀني جماعتن جو مقابلو ڪنداسين، توهان کي بيٽ کي به ڀڄائڻو آهي ۽ ٻين کي به، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب نه ٿيون ڏئي سگهن. هن چيو اسان چاهيون ٿا ته توهان ٻلي وانگر نه شينهن وانگر سياست ڪيو، اڄڪلهه جيڪي احساس جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن ۾ ڪو احساس ناهي، اسان جو وزيراعظم اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جيئن پرويز مشرف جو پولنگ ايجنٽ هو، ائين ئي نريندر مودي جو به پولنگ ايجنٽ هو، اسان کي نريندر مودي کي دعوت ڏئي پنهنجي شادين ۾ گهرائيندڙ وزيراعظم به نه گهرجي، جيڪو ڪشميري عوام جو دشمن آهي، اهو منهنجو مخالف منهنجو دشمن آهي. بلاول چيو ته ڪشميري عوام کانسواءِ ڪنهن ٻئي جِي ڊڪٽيشن تي هلڻ لاءِ تيار ناهيون، اسلام آباد ۽ دهلي جِي به ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، پ پ چيئرمين آزاد ڪشمير جَي علائقي حويلي ۾ جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم تي تنقيدي چيو ته بدقسمتي سان اسان جو وزيراعظم ڪٺ پُتلي ۽ سليڪٽڊ آهي، وزيراعظم ڪشميرين لاءِ به ڳالهائي نٿو سگهي، هُو ڪشميري ڀائرن جِي اُميدن تي پورو نه لٿو، هي عجيب وزيراعظم آهي جو هر ڪنهن منصوبي تي پنهنجو نالو رکي ٿو، پيپلزپارٽي اڪيلي جماعت آهي، جيڪا ڪشمير تي سوديبازي نه ڪندي، پيپلزپارٽي جَي خاتمي جون ڳالهيون ڪندڙ اسان جا جلسا ڏسي وٺن، جيستائين جيالا آهن، پيپلز پارٽي کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي.