ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي جي ڪارروائي، غيرقانوني طور ترڪي ويندڙ 3 ڄڻا گرفتار ٿي ويا، ايف آءِ اي اميگريشن ٽيم جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري عثمان، زاهد ۽ رضا .کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي موجب ٽيئي ڄڻا جعلي ويزا تي ترڪي وڃڻ چاهيندا هئا، جعلي ويزا لاءِ انهن ايجنٽن کي في ڄڻو ڏيڍ لک کان ساڍا 3 لک ڏنا هئا، جوابدارن جو تعلق فيصل آباد سان آهي، گرفتار جوابدارن کي ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل حوالي ڪيو ويو آهي.