ڪترينا ۽ وڪي جو مڱڻو ناهي ٿيو: والدين پاران ترديد

0
292

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف سلمان خان سان گڏ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ لاءِ روس وڃي چڪي آهي.تنهن باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ميڊيا ۾ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي مڱڻي جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته اداڪارا ڪترينا ڪيف وڪي ڪوشل سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن انهن خبرن کي رد ڪندي وڪي ڪوشل جي والد ۽ ڪترينا ڪيف جي ٽيم انهن ڳالهين کي رڳو افواهه قرار ڏنو آهي.ڪترينا جي ٽيم جو چوڻ هو ته خبرون ڪوڙيون آهن، ڪترينا جي سڀ کان ويجهن اداڪارن به سندس ئي منهن تي وڪي ڪوشل سان شادي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون آهن جن تي ڪترينا ڪيف مسڪرائيندي رهندي آهي.