بيلا حديد افغان پناهگيرن جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي وئي

0
224

نيويارڪ(شوبز نيوز) فلسطين ڄائي آمريڪي ماڊل بيلا حديد کي افغان پناهگيرن جي ڳڻتي ورائي وئي آهي، جنهن لاءِ هن مداحن کي عطئي جي اپيل ڪئي آهي.پنهنجي مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي فتح کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندڙ افغان پناهگيرن لاءِ عطيو گڏ ڪيو وڃي.طالبان 15 آگسٽ 2021 تي ڪابل جو قبضو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ نه رڳو اتي موجود آمريڪي فوجي ۽ افغان صدر اشرف غني سميت ڪيترائي اهم حڪومتي عهديدار ملڪ مان فرار ٿي ويا هئا پر هزارن جي انگ ۾ افغان شهري به پناهه لاءِ پاڙيسري ملڪن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ان حوالي سان بيلا حديد پنهنجي مداحن کي افغانستان ۾ طالبان جي فتح کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ پناهه حاصل ڪندڙ پناهگيرن لاءِ عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.بيلا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري هڪ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پناهگيرن لاءِ عطيو ڏيڻ جا تفصيل ڏنا آهن.