جوهي/ واهي پانڌي (ن پ ا) گورک هل اسٽيشن سميت 300 ڳوٺن جو جوهي دادو واهي پانڌي سان زميني رابطو بحال نه ٿي سگھيو آهي، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل هجڻ ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل ٽينٽ ،راشن ۽ ٻيو امدادي سامان متاثرن کي نه مليو آهي. ٻئي پاسي ڪاڇي جي ڳوٺ راڄو ڳنڍو ۾ رستا ڪٽيل هئڻ ڪري  معصوم نينگر عرفان علي پُٽ غلام فريد برهماڻي وقت سر علاج نه ٿيڻ تي تيز بخار سبب فوت ٿي ويو. ڪاڇي جي ڪيترائي ماڻھو ٻار ننڍا وڏا بيمارين ۾ ورتل برساتن سبب رستا نه ھئڻ ۽ غربت جي ڪري غريب گھرن تائين محدود آهن. ڳوٺ راڄو ڳنڍو ۾ پنج ورهين جو معصوم نينگر عرفان عل پٽ غلام فريد برھماڻي تيز بخار سبب فوت ٿي ويو آھي ڪاڇي ۾ صحت جي سھولتن جي اڻھوند ۽ رستا نه ھئڻ ڪري علائقي واسين جون زندگيون داء تي لڳل ڪاڇي واسين ڊي سي او دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو ۽ صحت کاتي کي مطالبو ڪيو ته ڪاڇي جي ڊرگھ بالا ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وڃن ۽ دوائون ڏنيون وڃن ته جيئن وبائي بيمارين کا علائقي واسين کي بچايو وڃي. هوڏانهن کيرٿر جابلو پٽي ۾ برساتن کانپوء نئين گاج جي وهڪري سان متاثر ٿيل جوهي حاجي خان روڊ پاڻي هيٺ لهڻ کانپوء مختلف هنڌان ٽٽي وييو آهي، رستو گپ گاري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جتي گاڏيون ڦاسڻ معمول بڻجي ويو آهي. رهواسين مولابخش برهماڻي, عباس علي برهماڻي, اسماعيل لانگاھ ۽ ٻين ٻڌايو ته نئين گاج جي وهڪري سبب جوهي حاجي خان روڊ مختلف هنڌان ٽٽي ويو آھي پاڻي هيٺ لهي وڃڻ کانپوء رستو گپ ۾ تبديل ٿي ويو آھي جنهن سبب ڪاڇي جي يونين ڪائونسل ڊرگھ بالا واسين کي جوهي شھر پهچڻ لاء پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هنن ضلعي انتظاميا سميت جوهي جي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪيو آھي ته ايمرجنسي جي بنياد تي عارضي طور کنڊ لڳل روڊ تي مٽي لاهي رستن کي بحال ڪيو وڃي.