ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڦهليل گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت، سوين مبتلا، اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون، بيڊن جي کوٽ، خبر موجب گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، ڪالهه ڀان سيدآباد ويجهو منڇر ڍنڍ تي گيسٽرو وگهي 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 ٻارڙن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، ڳوٺ مولابخش ملاح ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا 2 ورهين جو عرفان ملاح ۽ 3 ورهين جو ارسلان ملاح فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ دوست محمد رودناڻي ۾ 6 ورهين جو شڪور رودناڻي دم ڏنو، ڳوٺ گرڪڻو، دائم جي مياڻي، آريسرا، شيخ، هوت ملاح سميت ٻين ڳوٺن ۾ فاطما، عثمان، سڪينا، ريحان ملاح، صيفل ملاح، علي ملاح، شمشاد ملاح، صدف ملاح، علي نواز سميت 40 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا، جن کي سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، نئون ديرو ۾ 2 ٻارڙا جنيد ميراڻي ۽ ساجد ڀيل گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته اسپتال ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ مبشر، مومل، بيبي شمل، آمنه سميت 27 ڄڻن کي داخل ڪيو ويو آهي، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هڪ ڏينهن دوران گيسٽرو جا 929 ڪيس رپورٽ ٿيا، صحت کاتي موجب متاثر 929 ماڻهن مان 53 ماڻهن جي حالت خراب هئڻ سبب کين علاج لاءِ مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا 100 کان وڌيڪ ٻارن کي  چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ داخل ڪيو ويو، مريضن ۾  سونيا ڪلهوڙو، مصباح جتوئي، عابدهه ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، خيرپور ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري ويو، 24 ڪلاڪن دوران معصوم ٻارڙن، مردن ۽ عورتن سميت 200 ڄڻن کي سٽي اسپتال ۽ سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو، مريضن ۾ لطيف ڏنو، مجيب، رحمان، عبدالغفار، نويد احمد، دلشاد، اسد محمود، شهزادو، جاويد، مختيار، نسيم، جميلا، انمول، شهناز، مرادان خاتون ۽ ٻيا شامل آهن، تلهار ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ڦهلجي وئي، ڪالهه 116 مريضن کي علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو،