ڪامياب فلم ڏيڻ باوجود معاشي مسئلن جو شڪار ٿيس: انو اگروال

0
581

ممبئي( شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انو اگروال 1990ع ۾ عاشقي فلم سان ڪيريئر شروع ڪيو پر پوءِ به سندس مشڪلاتون ختم نه ٿي سگهيون. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته فلم عاشقي جي ڪاميابي بعد ماڻو آٽوگراف گهرندا هئا ۽ هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ گهرٻاهران گڏ ٿيندا هئا پر پوءِ به مون بالي ووڊ ۾ اڪيلي زندگي گذاري، معاشي ۽ معاشرتي طور تي سپورٽ ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه هو، بواءِ فرينڊ شهر کان ٻاهر رهندو هو ۽ فاصلي سبب اسان جو رشتو ختم ٿي رهيو هو . مون ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو وڏي ماڊلنگ پراجيڪٽ لاءِ لاس اينجلس هلي ويس پر اتي سوال ڪيو ويو ته سانوري رنگ سبب مون کي مرڪزي ڪردار ملي سگهندو؟ اتي ڳورين کي مرڪزي ڪردار ملندو هو مون فيصلو ڪيو ته ملڪ جي مشهور اداڪارا آهيان پئسن جي ڪري سائيڊ رول ڇو ادا ڪريان ان ڪري ملڪ موٽي آيس.