ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) لائنل ميسي جي ٽيم بارسلونا ڪوپا ڊيل ري ڪپ کٽي ورتو آهي، فائنل ۾ ايٿليٽڪ بلبائو کي 4 گول تان شڪست کائڻي پئي، بارسلونا چار ئي گول 12 منٽ اندر اسڪور ڪيا. ڪوپا ڊيل ري ڪپ ۾ کيڏيل 60 منٽ تائين ڪوبه گول نه ڪري سگهي، پر بارسلونا يڪدم چار گول ڪيا، پهريون گول گريز مين، ٻيو ڊي جونگ ۽ پوءِ ميسي 2 گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ميسي ڪوپا ڊيل ري ڪپ ۾ 10 گول ڪري رڪارڊ قائم ڪيو، جڏهن ته 7 ڀيرا ان ٽورنامينٽ جي ٽرافي به پنهنجي نانءُ ڪئي. ٻئي پاسي ايف اي ڪپ ۾ چيلسي مانچسٽر سٽي کي هڪ تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي.