ڪارڪنن کي گم ڪندڙن کي سزا نٿا ڏيارڻ چاهيون، رڳو مسنگ پرسن واپس ڏنا وڃن: متحده پاڪستان

0
218
ڪارڪنن کي گم ڪندڙن کي

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله وزيراعظم  جي ھدايت تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد پهتو، جتي هُن متحده پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي

راڻا ثناءُ الله چيو ته متحده جي ٽن ڪارڪنن جا لاش ملڻ تي متحده قيادت ڏکاري آهي، متحده اڳواڻن سان ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ اسان متفق به ٿيا آهيون

گهرو وزير چيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ پاڪستان جي بدنامي آهي، انهن جي بازيابي حڪومت جي ذميواري آھي

متحده جي خالد مقبول صديقي چيو ته اسين انھي لاپتا ڪرڻ واري عمل ۾ ملوث ماڻهن کي سزا نٿا ڏيارڻ چاھيون بس پنهنجن ڪارڪنن جي بازيابي چاھيون ٿا