ڪارو آهين جرڳو ڀري ڏي، پوليس اهلڪار پورهيت جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

0
361
ڪارو آهين جرڳو ڀري ڏي

ڏهرڪي(ن پ ا) ڪارو آهين جرڳو ڀري ڏي، پوليس اهلڪار پورهيت جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، پورهيت عيد جي ڏينهن به گهر نه وڃي سگهيو

ميهر گرگيج  دانهيندي چيو ته دربدر آهيان، ڪير به دانهن نه ٿو ٻڌي غريب آهيان، منهنجي ڀاءُ نظير گرگيج ۽ مون تي ڪوڙو ڪارنهن جو بهتان مڙهيو ويو آھي

ميهر گرگيج چيو ته قرض جي پيسا واپس گهرڻ تان پوليس اهلڪار  غلام مصطفي گرگيج منهنجي مٿان ۽  ڀاءُ نظير مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان مڙهي جرڳو گهرايو انڪار ڪرڻ تي  ان پنهنجي  ڀائٽي   شمشاد خاتون  کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري مون کي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿو

هن چيو ته مان مسڪين پورهيت آھيان عيد به  گهر نه ڪئي اٿم نه ئي منهمجي ٻچڙن  به عيد ناهي  ڪئي آ انصاف نه ٿيو ته پاڻ ٽرين هيٺيان ڏيئي خودڪشي ڪندس  اهڙي زندگي کان موت ڀلي آھي

هن چيو ته پوليس اهلڪار داد لغاري تي هاڻي اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي  انصاف ڪيو وڃي پوليس اهلڪار غلام مصطفي کان قرض جا پيسا گهريا سين ته ان چيو توهان ڪارا آھيو. ان پنهنجي ڀائٽي شمشاد کي ڌڪ هڻي اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪرايو

ھي به پڙھندا

سانگهڙ ڀرسان عمراڻي ۾ بگٽي وڙهي پيا، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي