ڪراچي: عيد جي پهرين ڏينهن تي روڊ حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا

0
246
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عيد جي پهرين ڏينهن مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

پوليس موجب گلشن اقبال يونيورسٽي روڊ، لياقت آباد ۽ اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ تي حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪٽي پهاڙي تي ٽريفڪ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

پوليس موجب بلديا ۾ حب چيڪ پوسٽ ويجهو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جيل چورنگي وٽ موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ان کان علاوه مختلف گاڏين ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا جڏهن ته اڪثر زخمين کي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو

ڪراچي: ناظم آباد ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي

ٻئي پاسي ڪراچي جي ناظم آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي، پوليس موجب واقعو ناظم آباد نمبر 2 ۾ ذيشان پارڪ وٽ صبح ساڍي 5 وڳي پيش آيو،

جوابدار ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي شهري تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ عبيد ولد فيض الله طور ٿي آهي، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج هلندڙ آهي

ھي به پڙھندا

سانگهڙ ڀرسان عمراڻي ۾ بگٽي وڙهي پيا، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي