سانگهڙ ڀرسان عمراڻي ۾ بگٽي وڙهي پيا، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

0
261
سانگهڙ ڀرسان عمراڻي

سانگهڙ (ن پ ا) سانگهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول بخش عمراڻي ۾ بگٽي  ۽ عمراڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي شادي لاءِ ھلندڙ تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، گوليون لڳڻ سبب  فيروز بگٽي مارجي ويو

 جڏهن ته بگٽي برادري جو  بابر بگٽي ۽ عمراڻي برادري جا دوست محمد عمراڻي ۽ سدورو عمراڻي زخمي ٿي پيا، ڌريون مورچا ٿي ويون، سانگهڙ پوليس وڏي نفري ساڻ ڪري  جهيڙي واري هنڌ پهچي وئي

زخمين کي سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪري فوري طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ  انتھائي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

ڇاڇرو: رٺل زال کي وٺڻ ويل نوجوان جو ساهرن جي گهران لاش هٿ