ڪابل کان روانو ٿيندڙ امريڪي جهاز جي ڦيٿن مان انساني عضوا برآمد

0
528
ڪابل کان روانو ٿيندڙ

نيويارڪ: يو ايس ايئر فورس ڪابل ۾ حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فسادن کانپوءِ.انڪشاف ڪيو آهي ته فوجي جهاز جي ٻاهرين حصن مان انساني عضوا پڻ مليا آهن. نيوز ايجنسي رائٽرز جي هڪ رپورٽ موجب ، آمريڪي هوائي فوج جو چوڻ آهي ته انساني عضوا لينڊنگ گيئر ۽ C-17 جي ڦيٿن جي ڪنارن تان مليا آهن ، جيڪو حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روانو ٿيو هو. طالبان جي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ، ڪيترائي عام ماڻھو ڪابل ڇڏڻ لاءِ ايئرپورٽ تي گڏ ٿيا ھئا ، ۽ ٽي ماڻھو آمريڪي فوجي جهاز C-17 سان لڙڪي پيا هئا.

 

يو ايس ايئر فورس جي ترجمان چيو آهي ته جاچ ڪندڙ ادارا افغان شهرين جي جهاز مان ڪرڻ سميت سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل ويڊيوز ۽ پوسٽن جو جائزو وٺندا ، جڏهن ته قطر ۾ لينڊنگ بعد جهاز جي ڦيٿي مان لاش جي معاملي جو به جائزو وٺندا.

ھي به پڙھندا

افغانستان ڇڏڻ جي خواھش رکندڙ 3 ڄڻا جھاز تان ڪري فوت