حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ٽنڊو جهانيان ۾ باهه تي ماتم ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته باهه جو تاريخي ماتم لڳ ڀڳ اڌ صدي کان ٿيندو اچي پيو. ٽانڊن تي عزادارن پاران ماتم لاءِ 20 فٽ اونهي خندق کوٽي ان ۾ 100 مڻ کان وڌيڪ ڪاٺ ٻاري ٽانڊا تيار ڪيا ويا جنهن بعد اڪي جي انگ ۾ گهوٽن کي تيار ڪري ماتم لاءِ ڇڏيو ويو ته جئين گهوٽ ٽانڊن جي ماتم لاءِ خندق لاءِ لٿا ته هر طرف يا حسين عه جون صدائون بلند ٿيون جنهن بعد پاڻمرادو ڪيترائي عزادار يا حسين عه ڪندي خندق مان گذريا. باهه تي ٿيندڙ تاريخي ماتمي کي ڏسڻ لاءِ حيدرآباد سميت ڀرپاسي کان هزارن جي تعداد ۾ مومن پهچن ٿا جيڪي ٽانڊن تي ماتم کانپوءِ پاڻ به ماتم ڪن ٿا. حيدرآباد پوليس پاران باهه تي ٿيندڙ تاريخي ماتم لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. پوليس سان گڏ رينجرز جي اٽالن علائقي کي ڪڙو چاڙهيو جنهن بعد ٽانڊن تي ٿيندڙ ماتم کي ڏسڻ لاءِ ايندڙ سمورن ماڻهن کي سخت تلاشي بعد اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. ايس ايس پي حيدرآباد ماتم ٿيڻ کان پهرين ڄاڻايل علائقي ۾ پهچي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو جنهن بعد رات تائين ايس ايس پي پاڻ ماتم جي نگراني ڪئي.